جڊيجا اجئه

جڊيجا اجئه

جڊيجا اجئه

جڊيجا اجئه/ جاڙيجا اجئه: ڀارت جي اڳوڻي ڪرڪيٽر اجئه جڊيجا، گجرات جي هڪ ڳوٺ جمناگر جي راجپوت گهراڻي ۾، 1 فيبروري 1971ع تي جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو دولت سنگهه جڊيجا آهي. سندس شادي آزاد ڄمون ڪشمير جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري، اشوڪ جيٽلي جي ڌيءَ اديتي جيٽلي سان ٿيل آهي. اجئه جڊيجا هندستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ 1992ع کان 2000ع تائين رهيو. هن 15 ٽيسٽ ۽ 196 هڪ ڏينهن واريون بين الاقوامي ڪرڪيٽ مئچون کيڏيون. هيءُ هندستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ بهترين فيلڊر طور سڃاتو ويندو هو. اجئه هڪ يادگار اننگ کيڏي، جيڪا ڪرڪيٽ جا شوقين ڪڏهن به وساري نٿا سگهن، اها اننگ هن پاڪستان خلاف 1996ع واري ڪوارٽر فائنل ۾ کيڏي. هن 25 بالن تي 45 رنسون ٺاهيون ۽ وقار يونس جي آخري ٻن اوورن ۾ 40 رنسون ورتيون، جنهن سان ڀارت هڪ وڏي اسڪور ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اجئه جڊيجا 13 بين الاقوامي مئچن ۾ هندستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي به ڪئي. جڊيجا جا ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ڪارناما سندس 5 سال ڪرڪيٽ جي پابنديءَ سبب ڪجهه ڌنڌلا ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته مٿس مئچ فڪسنگ جا الزام هئا. اهي الزام دهليءَ جي هاءِ ڪورٽ 2003ع ۾ ختم ڪيا ۽ هن کي ٻيهر ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ اهل قرار ڏنو. اڄڪلهه جڊيجا راجستان جي ٽيم جو ڪوچ ۽ ڪرڪيٽ ڪامينٽيٽر آهي. اجئه جڊيجا، 2003ع ۾ هندستان جي هڪ اردو فلم ۾ سنيل شيٽيءَ سان پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر به ڏيکاري چڪو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.02.01  عيسوي

اجئه جڊيجا ، گجرات جي هڪ ڳوٺ جمناگر جي راجپوت گهراڻي ۾ ، 1 فيبروري 1971ع تي جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضياء الدين نخشبي
ايڇ ايم خواجه
سيد محمد عالم شاهه عالم ٽکڙائي
دولت خان پنيو
صوڀراج چوهڙمل موٽواڻي
عبدالباقي صديقي بکري
شاهه بيگ ارغون
حامد الله ٻيلوي مولانا
ڀڳونتي لڇمڻ ڪڪڙيجا
اسلم فرخي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون